ملير (ويب ڊيسڪ) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد حسن پنھور ڳوٺ ۾ گھر مان نوجوان جو ڦاھو ڏنل لاش ھٿ آيو آهي. اطلاع ملڻ تي شاهه لطيف پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي، پوليس لاش تحويل ۾وٺي ڇڏيو، شاهه لطيف ٽائون پوليس جون چوڻ آهي ته نوجوان جي سڃاڻپ 22 سالن جي اڪبر حسين پٽ غلام حسين جي نالي سان ٿي آھي.