ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس 800 کان وڌيڪ شهرين کي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. هڪ خانگي چينل سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلان نبي ميمڻ انڪشاف ڪيو ته هلندڙ سال دوران سنڌ پوليس حساس ادارن جي مدد سان سموري ملڪ جي 802 شهرين کي ڪچي جي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچايو آهي. آءِ جي سنڌ موجب 330 شهري اغوا ڪيا ويا جن مان 307 کي بازياب ڪرائي چڪا آهيون جڏهن ته 23 شهرين جي اغوا جا ڪيس هن وقت تائين حل نه ٿي سگھيا آهن جن جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته شهرين کي ڌاڙيلن جي واردات جي طريقن کان خبردار ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيا آهيون ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن جي ڪميونيڪيشن مانيٽر ڪئي پئي وڃي. غلام نبي ميمڻ چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن جي نوجوانن کي ڌاڙيل عورتن جا آواز ڪڍي دوستيءَ جي وڪڙ ۾ آڻيندا آهن يا گاڏيون يا ٻيو سستو سامان وڪڻڻ جي لاءِ فون تي ڦاسائيندا آهن. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته پوليس انهن فون نمبرز تي رابطو ڪري شهرين کي سنڌ يا ڪچي جي علائقي ۾ اچڻ کان خبردار ڪندي آهي ۽ کين آگاهه ڪندي آهي ته هو انهن ڏوهارين جي وڪڙ ۾ اچڻ کان بچن. ان طريقي سان لڳ ڀڳ 802 شهرين کي هن وقت تائين ڪچي ۾ وڃڻ کان روڪي محفوظ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين طريقن سان ڌاڙيلن 330 شهرين کي اغوا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن پر انهن مان به 307 کي پوليس پاران بازياب ڪرايو ويو آهي.