اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ جي معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ جي 30 سيپٽمبر جي فيصلي تي نظرثانيءَ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کان گھُر ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ 30 سيپٽمبر جي فيصلي تي نظرثاني ڪري ڇو ته چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي ملاقات اليڪشن ٽربيونلز جي تبديليءَ جي ڪري نه ٿي سگھي هئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ چيف ڪمشنر ملاقات کان پوءِ اليڪشن ٽربيونلز جي لاءِ حاضر سروس ججز جا نالا واپس ٿي ويا. ياد رهي ته 30 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي درخواست منظور ڪندي پنجاب ۾اليڪشن ٽربيونزل جي جوڙجڪ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو هو.