اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪو شڪ ناهي ته چين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشيت بڻجڻ وارو آهي، اهو وقت پري ناهي ڪڏهن چين دنيا جو معاشي سپر پاور هوندو. اسلام آباد م چين جي ترقي ۽ عالمي قيادت جي سفر تي بين الاقوامي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته عوامي جمهوريه چين جو قيام دنيا جي تاريخ ۾ انقلابي تبديلي وارو آهي، چيئرمين مائو ۽ ان جي انقلابي ڪامريڊز جي قيادت ۾ چيني عوام آزادي، عظمت ۽ عزت نفس جي اڻٽر جنگ وڙهي.