دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ڀرسان مسافر ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، مسافر ڪوت جي ٽڪر ۾ فوت ٿيندڙ جي 47 ورهين جي انور پٽ يوسف ٿهيم طور سڃاڻپ ٿي، اڌڙوٽ جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي ۾ فوت ٿيل شخص ٽيڪنيڪل ڪاليج جو چوڪيدار ٻڌايو پيو وڃي.