رياض (ويب ڊيسڪ) وزرياعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري تي وفد سان گڏ رياض پهچي ويو آهي، وزيراعظم شهباز سريف سان گڏ ان جو وفد به سعودي عرب پهچي ويو آهي. وزيراعظم جي رياض جي ايئرپورٽ تي گورنر رياض پرنس محمد بن عبدالرحمان آڌرڀاءُ ڪيو. ان کان سواءِ سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد فاروق به وزيراعظم شهباز شريف ۽ ان جي وفد جو آڌر ڀاءُ ڪيو.