وڏي وزير جي صدارت هيٺ دفاعي نمائش بابت اجلاس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ 12 هين عالمي دفاعي نمائش ۽ ٽئين آئيڊياز سيمينار جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ضياءُ الحسن لنجار، ڄام اڪرام ڌاريجو، ذوالفقار شاهه ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته آئيڊياز 2024ع 19 کان 22 نومبر تائين ڪراچي ۾ ٿيندو، سي ويو نشان پاڪستان تي شهرين لاءِ 21 نومبر تي ڪراچي شو جو اهتمام ڪيو ويندو، آئيڊياز 2024ع سيمينار سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ڳانڍاپن کي هٿي ملندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جو عالمي امن جي مضبوطي ۽ تفاوت برقرار رکڻ ۾ مک ڪردار رهيو آهي، آئيڊياز جي ميزباني خطي ۾ ٽيڪنيڪل ترقي ۽ مٽاسٽا جي حوصلا افزائي لاءِ اسان جي عهد جو چٽو ثبوت آهي. اڄ اسان عالمي دفاعي  نمائش-آئيڊياز 2024ع لاءِ منصوبن کي حتمي شڪل ڏينداسين. ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آئيڊياز 2024ع جي انتظامن جو جائزو به ورتو، وڏي وزير هدايت ڪئي ته آئيڊياز جي موقعي تي شهر صاف سٿرو ۽ خوبصورت نظر اچڻ گھرجي، شهر ۾ فوٽ پاٿن کي رنڱي گرين بيلٽ ۾ ٻوٽا ۽ گاهه پوکيو وڃي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com