اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي ۽ ترقي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته موسمياتي تبديلي اڄ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ٻه سال اڳ پاڪستان ٻوڏ جي صورت ۾ بدترين تباهي کي منهن ڏنو، پاڪستان دنيا ۾ هڪ سيڪڙو کان به گھٽ زهريلي گئس خارج ڪري ٿو، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون گھربل آهن، موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيل ملڪن جي امداد لاءِ عالمي واعدا ناهن پاڙيا ويا.