جهول (ويب ڊيسڪ) جهول ڀرسان جوابدار گھرو اڻبڻت تان 4 گھر ڀاتين کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار لاکو ڀيل ماءُ، 2 ڀينرن ۽ ڀيڻيوئي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڀيڻ جي شادي مرضي کان سواءِ ڪرائڻ تي گھرڀاتين کي قتل ڪيو ڪيو آهي. واقعو ڳوٺ علي جان مري ۾ پيش آيو، مقتولن ۾ ريجهو، ڌڙڪي، راڌا ۽ خميسو شامل آهن. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.