ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيئرمين محسن نقوي پاران نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو دورو ڪيو ويو، پي سي بي چيئرمين اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن جي تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو، محسن نقويءَ انتظاميه کي پارڪنگ ايريا کي اسٽيڊيم جي ويجهو ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي محسن نقويءَ چيو ته منصوبي کي وقت کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي، ٽاپ ڪرڪيٽ ٽيمز چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچي رهيون آهن، پاڪستان لاءِ چيمپئنز ٽرافي ڪرائڻ اعزاز آهي.