اسلام آباد (ويب ڊيڪس) ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ماڻهو 27 هين آئيني ترميم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، 26هين ترميم سڀني جي سامهون منظور ٿي چڪي آهي. 26هين آئيني ترميم جي منظوري ۾ بلاول ڀٽو جو اهم ڪردار هو. هن چيو ته 27هين آئيني ترميم اڄ، سڀاڻي يا وري 5 سالن کانپوءِ به منظور ٿيڻي آهي، ڪي پي جي گورنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سياسي قوتون گڏ هونديون ته 27 هين ترميم به منظور ٿي ويندي.