لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو اقليتي ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، لاهور ۾ اقليتي برادريءَ جي ڏياري تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جو چوڻ هو ته 20ڊسمبر تي اقليتي ڪارڊ متعارف ڪرائينداسين، اقليتي ڪارڊ ذريعي ساڍا 10 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا.