اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختون خواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان به جلد جيل مان آزاد ٿي ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور بشريٰ بي بي جي آزاديءَ ۾ پنهنجي ڪردار جي تصديق يا ترديد نه ڪئي، سندس چوڻ هو ته بشريٰ بي بيءَ کي عدالت جي حڪم تي آزاد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءَ چيئرمين کي جعلي ڪيسن ۾ جيل موڪليو ويو هو، بشريٰ بي بيءَ جيل مان ٻاهر آهي ڇو ته عدالت ان جي ضمانت منظور ڪئي، تمام جلد عمران خان کي به جيل مان آزاد ڪيو ويندو.