ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بجليءَ جي قيمتن ۾ گھٽتائي ۽ دستيابيءَ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نيشنل ٽاسڪ فورس پاور سيڪٽر ۾ جامع اصلاحن جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. چيئرمين ٽاسڪ فورس، توانائيءَ جي وفاقي وزير اويس لغاريءَ جو چوڻ آهي ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي خانگائڻ جي منصوبي تي به ڪم شروع ڪيو ويو آهي، نئين پاور مارڪيٽ جو ڍانچو متعارف ڪرايو ويندو، جتي صارف بجلي خريد ڪري سگھندا، هڪ ئي ڊسٽريبيوٽر تي نه ڀاڙيو ويندو. اويس لغاريءَ چيو ته اصلاحن جو مقصد پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ عوام کي سستي ۽ معياري بجلي فراهم ڪرڻ آهي.