راولپنڊي (ويب ديسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان 26 هين آئيني ترميم جو جنازو ڪڍي ڇڏيو. روالپنڊيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهايندي شيخ رشيد چيو ته 27 هين ترميم جو خواب ڏسڻ ڇڏيو وڃي، 27 هين ترميم جي خلاف مولانا فضل الرحمان ڪال ڏيندو ته ان کي خبر پئجي ويندي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان 26 هين ترميم جو جنازو ڪڍيو، هيءَ ترميم (ن) ۽ (ش) جي ڳچيءَ ۾ پوندي ۽ انهن کي ڪجھه نه ملندو، هُو جيڪي خواب ڏسي رهيا هئا سي سڀ ڀورا ڀورا ٿي ويا آهن.