ڪي پي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي جنهن کان پوءِ هلندڙ سال ان مرض سبب متاثر ٻارڙن جو انگ وڌي 42 ٿي ويو آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۾ پوليو جي روڪٿام لاءِ ريجنل ريفرنس ليبارٽريءَ جي هڪ عهديدار تصديق ڪئي ته خيبرپختون خواهه جي ضلعي نوشهره ۾ وائلڊ پوليو وائرس ٽائپ ون رپورٽ ٿيو آهي. سندس چوڻ آهي ته پوليو جھڙي موذي مرض سبب يوسي گندهيري جي رهائشي هڪ 29 مهينن جي ٻارڙي متاثر ٿي آهي، هي نوشهره مان پوليو جو پهريون ۽ سموري ملڪ مان 42 هون ڪيس آهي.