اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڄاڻ تائين پهچ ڏيڻ وارو ڪيس ۾ جسٽس اطهر من الله جو واڌو نوٽ شامل ڪيو ويو آهي، نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله جو چوڻ آهي ته اهو تصور ڪرڻ جوڳو نه آهي ته سپريم ڪورٽ بنيادي حق کسي وٺي، آرٽيڪل 8 بنيادي حق ختم ڪندڙ قانونسازي کان روڪي ٿو، نوٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ وٽ تلوار يا خزاني جو ڪنٽرول نه آهي، سپريم ڪورٽ جي طاقت رڳو عوام جو اعتماد آهي، عوام جو اعتماد ختم ٿيو ته عدليا ڪمزور ٿي ويندي، جسٽس اطهر من الله جي اضافي نوٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته آرٽيڪل 19 اي جي بنيادي حق جو استعمال مناسب پابندين جي تابع آهي.