قطر (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ 2 ڏينهن لاءِ قطر جو سرڪاري دورو ڪندو، پرڏيهي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي، وزيراعظم دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم دوحه ۾ قطري پرڏيهي وزير سان به ملاقات ڪندو، پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ موجب ملاقاتن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو، وزيراعظم قطر ۾ مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪري سيڙپڪاري جا موقعا ڳوليندو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 31 آڪٽوبر تي قطر ۾ ثقافتي نمائش جو به افتتاح ڪندو، نمائش پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ۽ تعميراتي ورثي کي اجاگر ڪندي، ثقافتي نمائش ٻنهي ملڪن وچ ۾ گِھرن رابطن کي اجاگر ڪندي.