راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي پاران آذربائيجان جو دورو ڪيو، جنرل ساحر شمشاد مرزا جون آذربائيجان جي دوري دوران مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنرل ساحر شمشاد مرزا جي آذر بائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، جنرل ساحر شمشاد مرزا جي آذربائيجان جي چيف آف جنرل اسٽاف ۽ آذبائيجان جي دفاع واري وزير سان به ملاقات ڪئي. جنرل ساحر شمشاد مرزا جي دوري دوران آذربائيجان جي پرڏيهي وزير سان به ملاقات ٿي، سمورين ملاقاتن ۾ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن ۾ خطي جي سڪيورٽي ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار وڌائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.