ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي پوليس مقابلي ۾مارڻ وارو معاملي ۾ ايف آءِ اي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ايف آءِ آر ۾ قتل، دهشتگردي ۽ پوليس حراست ۾ تشدد سميت ٻيا قلم شامل به شامل ڪيا ويا آهن، ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ عمر جان سرهنديءَ کي مک جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي پاران ايف آءِ آر جي ڪاپي ميرپور خاص جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پڻ جمع ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻو ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ۽ ٻه ايس ايس پيز کي به ڪيس ۾ نامزد نامزد ڪيو ويو آهي.