لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس (ر) قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏيءَ تي حملو ڪيو ويو آهي، وفاقي گھرو وزير سينيٽر محسن نقويءَ لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جي گاڏيءَ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پاڪستان هاءِ ڪميشن عملدارن کي فوري طور جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وفاقي گھرو وزير محسن نقويءَ پنهنجي بيان ۾ چيو ته لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏيءَ تي حملو مذمت جوڳو عمل آهي، وفاقي گھرو وزير محسن نقويءَ نادرا کي حملو ڪندڙن جي سڃاڻ جي لا3 فوري طور قدم کڻڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته فوٽيجز وسيلي حملو ڪندڙ جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ سندن پاسپورٽ رد ڪيا وڃن.