ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ورسٽائل ادارا وديا بالن 6 مهينن تائين پنهنجو مُنهن آئيني ۾ نه ڏسڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اڄ ڪلهه وديا بالن فلم “ڀول ڀليا3” جي پروموشنن ۾ مصروف آهي. اداڪارا ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ لاءِ ڪيل محبت تي ڳالهائيندي چيو ته تامل فلم ۾ ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻيءَ کي ڪاسٽ ڪيو ويو هو. اداڪارا چيو ته مون هڪ تامل فلم ڪئي هئي، ان فلم جي لاءِ 2 ڏينهن تائين شوٽنگ به ڪئي ۽ پوءِ مون کي تبديل ڪيو ويو، ان کان پوءِ پنهنجي والدين سان چنئي ۾ پروڊيوسر سان ان جي آفيس ۾ ڳالهايو جنهن تي هُن اسان کي فلم جا ڪجھه ڪلپس ڏيکاريا ۽ منهنجي والد کي چيو ويو ته: “ڏسو، ڪهڙي رُخ کان هيروئن نظر اچي ٿي؟ اداڪاري يا ڊانس ڪرڻ نٿو اچيس.” جنهن تي مون چيو ته پهريان مون کي اداڪاري ۽ ڊانس ڪرڻ ڏيو، مون محنت سان فلم جي شوٽنگ ڪئي آهي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته ان ناڪاميءَ کان پوءِ 6 مهينين تائين مون پاڻ کي آئيني نه ڏٺو ڇو ته مان پاڻ کي بدصورت محسوس ڪي رهئي هيس.