ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين ۾ طوفاني برساتن کان پوءِ ايندڙ سيلاب سبب حادثن ۾ هن وقت تائين 50 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اوڀر اسپين جي شهر ويلنسيا سميت ٻين علائقن ۾ لاڳيتين تيز برساتن کان پوءِ روڊ رستا ڍنڍون بڻجي ويا آهن ۽ برساتي پاڻي گھرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب برساتن دوران ٻوڏ کان پوءِ ٿيندڙ حادثن ۾ هن وقت تائين 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي موتن جي تصديق ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترائي ڪٽنب پنهنجن گھرن ۾ ڦاٿل آهن جن کي ريسڪيو ڪيو پيو وڃي. مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته روڊن تي بيٺل پاڻي ۽ روڊن جي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃڻ سبب متاثرن جي سهائتا ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏنو پيو وڃي.