ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ھندو ڪائونسل جي صدر پاران ڏياري جو جشن ملھايو ويو. ھندو ڪائونسل جي صدر رميش ڪمار جي رھائش گاھه تي ڏياري جو ڪيڪ ڪاٽي آتشبازي ڪئي وئي ۽ نوجوانن پاران رقص ڪيو ويو. ان موقعي تي رميش ڪمار دنيا ۾ آباد هندو برادريءَ کي ڏياري جي ڏڻ جون واڌايون ڏيندي چيو ته هندو برادري پاران ڏياري جو ڏڻ ملهائڻ جي شروعات اڄ کان ٿي چڪي آهي.رميش ڪمار وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا هندو پنهنجو مذهبي ڏڻ آزادي سان ملهائن پيا، ھن وڌيڪ چيو ته ڏياري جا ڏيئا روشنيءَ جو پيغام کڻي ايندا آهن، پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ دعاڳو آهيون.