ميان صاحب (ويب ڊيسڪ) سلطان ڪوٽٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي شڪارپور مان ٻار جو لاش کڻي ايندڙن کان اڻڄاتل ماڻهو هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي، هٿياربند لاش کڻي ايندڙ ڳوٺاڻن کان موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ رقم ڦري فرار ٿي ويا، ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ميان صاحب اسپتال ۾ عورت جي ڊليوري ٿي، ٻار کي طبيعت خراب ٿيڻ تي شڪارپور اسپتال منتقل ويو هو ڪيو، صبح جو اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي ان جو لاش کڻي وڃو، موٽرسائيڪل تي ٻارڙي جو لاش کڻي وڃي رهيا هئاسين ته ڏوھارين ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ۽ موٽر سائيڪل، موبائيل فون ۽ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، انصاف ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو.