گمبٽ (ويب ڊيسڪ) خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي ڳوٺ عظيم فقير جي لاهي وٽ نوجوان جو لاش هٿ آيو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي ، اطلاع تي پهتل پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي ڄنگھه ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳل آهن، سندس موت حادثاتي لڳي رهيو آهي، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ گمس اسپتال منتقل ڪيو آهي، سڃاڻپ ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.