ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان سميت دنيا ۾هندو برادري کي ڏياريون جون واڌايون هجن، اچو ته سڀ گڏجي مستقبل کي هاڪاري سوچ ۽ ٻڌي جي نظريي سان ڏسون، وزيراعطم شهباز شريف پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾متحرڪ هندو برادري جي خدمتن کي پيٽا پيش ڪيون ٿا، اقليتي برادري کي ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪندي ڏسندي تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي. پاڪستان ۾سڀني ڪميونٽيز کي ترقيءَ جا موقعا ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون، وزير اعظم موجب دعا آهي ته روشنين جو هي ڏهاڙو اوهان جي زندگيءَ ۾ امن ۽ خوشحالي آڻيندو، دعا آهي ته ڏياري جو ڏڻ ملڪ جي ماڻهن ۾ ٻڌي ۽ ڀائيچارو پيدا ڪري.