لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب جي هارين ۾ 5 ارب رپين جي لاڳت سان 5 هزار سپر سيڊر ورهائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته هاري سندس دل جي تمام ويجهو آهن، پنجاب جي ترقي جو رستو زمينن مان گذرندو آهي، سندس زراعت ٽيم کانئس هڪ قدم اڳتي آهي، زراعت هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن جي بنا ترقي ممڪن ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سموگ هڪ نانگ آهي، سموگ جو مسئلو حل ٿيڻ ۾ ڪيترائي سال لڳندا، سپر سيڊر سان سموگ ۾ گهٽتائي ايندي، سپر سيڊر سان فصلن جي باقيات کي ساڙڻ جي ضرورت نه پوندي. مريم نواز جو چوڻ هو ته سموگ جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ تي مريم اورنگزيب کي مبارڪباد ڏئي ٿي، عوام کي ٻڌائڻ چاهي ٿي ته سموگ کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪيترائي سال لڳندا، سموگ جي ڪنٽرول لاءِ هر اهو قدم کنيو ويو جيڪو اڳڪنهن نه ورتو. مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندن مانيٽرنگ جاري آهي، ڪنٽرول روم ۾ ڏٺو پيو وڃي ته چمني مان ڪهڙو ڪارو دونھون نڪري رهيو آهي، انشاءَ الله ايندڙ سالن ۾ بهتري ايندي.