تازہ ترین

پاڪستان اچڻ تي سک ياترين لاءِ ڪا به ويزا فيس نه هوندي: محسن نقوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان پهچڻ تي سک ياترين جي ويزا فيس نه هوندي، سک ياترين کي اڌڪلاڪ اندر ايئرپورٽ تي ويزا ملي ويندي. گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا کان آيل سک ياترين جي 44 رڪني وفد ملاقات ڪئي ۽ کين اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ مهمان بڻايو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته آمريڪي سک ياترين کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار  ڪيون ٿا، پاڪستان ۾ آمريڪي پاسپورٽ رکندڙ سک ياترين لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت موجود آهي، کين ڪنهن سان به ڪو مسئلو نه آهي، ڀلي سال ۾ 10 ڀيرا اچن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اچڻ تي سک ياترين لاءِ ڪا به ويزا فيس نه هوندي، جيڪڏهن هو حسن ابدال، ننڪانه صاحب، ڪرتارپور کان سواءِ ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ چاهين ته وڃي سگهندا، آمريڪا، ڪينيڊا ۽ برطانيا جو پاسپورٽ رکندڙ سک برادري آن لائين فارم جمع ڪرائين ۽ 30 منٽن ۾ مفت ويزا حاصل ڪن. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته هو چاهين ٿا ته هڪ سال ۾ هڪ لک سک ياتري هتي اچن، هنن 124 ملڪن جي ويزا فري ڪري ڇڏي آهي. محسن نقوي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ جيترا ڀيرا اچن، اچي سگهن ٿا، هو سک ياترين ۽ ڀارت کان ايندڙن لاءِ ڌار ڪوٽا رکي رهيا آهن.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com