قطر (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن تي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ قطري منصب وچ ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پرامن حل ۽ گڏيل سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ قطر جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ قطر جي حمايت تي قطري امير جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جو عزم ورجايو.قطري وزيراعظم خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف قطري سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم شهباز شريف شاندار مهمان نوازي تي قطري وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته قطر ۾ موجود پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم غزا جي عوام لاءِ قطر جي انساني همدري وارن قدمن ۽ سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.