گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ۾ عورت گھر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، پي پي ايڇ آءِ جي آفيس ڀرسان گھر مان عورت ليلا سيال پراسرار نموني ڳولي لڳڻ زخمي حالت ۾ هٿ آئي جنهن کي اسپتال آندو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي گولي لڳل آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.