تازہ ترین

ڪجھه سخت فيصلا ڪيا آهن، سڀاڻي کي انهن تي عمل ٿيندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 26 هين آئيني ترميم سان عدالتن جو نظام ٿورو تبديل ٿيو آهي، پهرين جڊيشري ججز مقرر ڪندي هئي، هاڻي طريقيڪار تبديل ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير جوچوڻ هو ته هر شخص جو احتساب ٿيڻ گھرجي، ڪو به مقدس ڳئون نه آهي، اسان وٽ پسند ۽ ناپسند تي فيصلا ڪيا ويندا آهن، افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار اختيارن جو غلط استعمال ڪري عدالتن جو ماحول خراب ڪيو، افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار پسند جي بنياد تي عدالتي نظام هلايو، هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏکيو مرحلو هو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 26 هين آئيني ترميم لاءِ تمام گھڻي محنت ڪئي، نمبرز پورا هئا پر پ پ پ چيئرمين چيو ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ کي به مشاورتي عمل ۾ شامل ڪيو ويو، 26 هين آئيني ترميم سان عوام کي فائدو ٿيندو، 26 هين آئيني ترميم سان ماضيءَ جون پريڪٽسز ختم ٿي ويون. پارليامينٽ سپريم آهي، هاڻي ڪو به پنهنجي نه هلائي سگھندو، 26 هين آئيني ترميم کان پوءِ مستقبل ۾ عوام کي انصاف ملڻ جي اميد آهي، 26 هين آئيني ترميم کان پوءِ صوبن کي به برابر جي نمائندگي ملندي، سينيئر وزير چيو ته پوليس جي لائيٽ لڳائيندڙ خانگي گاڏين خلاف ڪارروائي ٿيندي، جعلي نمبر پليٽس تي هلندڙ گاڏين کي ضبط ڪيو ويندو، سادن ڪپڙن ۾ ڪو به هٿيارن جي نمائش نه ڪري سگھندو، هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي، ڪجهه سخت فيصلا ڪيا آهن، سڀاڻي کان انهن تي سختيءَ سان عمل ڪرائينداسين. هن چيو ته لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان پيش آيل واقعي جي مذمت ڪريان ٿو، ملڪ ۾ نئون نظام لاڳو ٿي چڪو آهي، نئين نظام کي قبول ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. شرجيل ميمڻ چيو ته گولڊ سمٿ فيملي پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسرائيلي لابي پنهنجو ”پکي“ ڇڏرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، اسرائيلي لابي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، منافقت، ڪوڙ ۽ عوام ۾ نفرت پکيڙي پئي وڃي. پي ٽي آءِ آمريڪا ۾ لابنگ لاءِ فرم جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com