اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي تجرمان مٿيو ملر چيو آهي ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تان هٽائڻ ۾آمريڪا جو ڪو به ڪردار نه آهي، آمريڪي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته پاڪستاني سياست جو معاملو عوام کي قانون ۽ آئين موجب طئي ڪرڻو آهي، پي ٽي آءِ باني خلاف قانوني ڪارروائي پاڪستاني عدالتن جو معاملو آهي، ان ۾ آمريڪا جو ڪو هٿ نه آهي.