اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت گئس لوڊ مئنيجمينٽ تحت سخت سياري وارن 2 مهينن دوران سموري ملڪ جي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پيٽروليم جي وفاقي وزارت سياري جي موسم جي لاءِ گئس لوڊ مئنيجمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن موجب ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي سخت سيءَ وارن 2 مهينن ۾ سموري ملڪ جي سي اين جي اسٽيشنز کي بند ڪيو ويندو. عملدارن ٻڌايو ته انهن 2 مهينن ۾ جيڪي ملڪي صنعت گئس سان بجلي پيدا ڪري ڪم ڪندي آهي ان کي به گئس جي فراهمي بند رهندي. هي فيصلو قدرتي گئس جي گھريلو صارفن کي سياري جي موسم ۾ لاڳيتو گئس فراهمي يقنيي بڻائڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي.