لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم پي سي بيءَ پاران نوڪريءَ جي آڇ ٿڏي ڇڏي ، جنهن بابت ميلبرن مان آن لائين پريس ڪانفرنس ڪندي وسيم اڪرم چيو ته چيمپئينز ٽرافي جي لاءِ ڀارت مان سٺا اشارا ملي رهيا آهن، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي بورڊ کي ڪيتريون ئي آڇون ڏنيون آهن، ڀارت کي پاڪستان اچڻ گھرجي. سندس چوڻ هو ته ويرات ڪوهلي، هاردڪ پانڊيا ۽ سوريا ڪمار ياديو جا پاڪستان ۾ تمام گھڻا فينز آهن، فينز کي ڀارتي رانديگرن جي اچڻ جو انتظار آهي، مان سمجھان ٿو ته ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطو هجڻ گھرجي، ڀارت ان بابت ضرور سوچي. اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته مان 6 کان 7 سالن کان ڀارت ناهيان ويو، مان اتان جي کاڌن ۽ ماڻهن کي ياد ڪندو آهيان، ڀارتي رانديگر پاڪستان اچن ۽ اچي انجواءِ ڪن. اڳوڻي ڪپتان چيو ته محسن نقوي ڪرڪيٽ لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، هو ڪرڪيٽ بورڊ کي پروفيشنل انداز ۾ هلائي سگھي ٿو، مون کي نوڪريءَ جي آڇ ٿي هئي پر مان 9 کان پنجين تائين نوڪري ڪرڻ وارن مان نه آهيان.