اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان ممتاز زهره بلوچ جو چوڻ آهي ته چين جي پاڪستان ۾ سفير جون بيان حيران ڪندڙ آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي سفارتي روايتن جي عڪاسي نٿو ڪري. هفتي وار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته چيني شهرين سان ڪجھه بدقسمت واقعا پيش آيا آهن، اسان کي چيني حڪومت ۽ سفارتخاني جي ڳڻتيءَ بابت آگاهي آهي، اسان چين کي انهن واقعن جي جاچ بابت آگاهه ڪيو آهي، پاڪستان ۾ قيادت جي سطح تي هتي چيني ماڻهن، منصوبن ۽ ڪمپنين جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ممتاز زهره بلوچ جو چوڻ هو ته شنگھائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) ڪانفرنس دوران وزيراعظم چيني هم منصب کي به چيني شهرين جي تحفظ جو يقين ڏياريو هو، چيني سفير جو هي بيان حيران ڪندڙ آهي، ان جو بيان پاڪ-چين سفارتي روايتن جي عڪاسي نٿو ڪري.