مستونگ (ويب ڊيسڪ) مستونگ ۾ سول اسپتال چوڪ وٽ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مقامي پوليس جو چون آهي ته ڌماڪي دوران پوليس وين مڪمل تباهه ٿي وئي آهي، مارجي ويلن ۾ 3 ٻارڙا ۽ هڪ پوليس اهلڪار شامل آهن، زخمين ۾گهڻو تعداد اسڪولي ٻارن جو آهي، ڌماڪي بعد ضلعي انتظاميا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽سڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي ويون، بلوچستان حڪومت پاران ڌماڪي جي مذمت ڪندي صوبائي گهرو کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.