ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس جاري آهي، هلندڙ اجلاس دوران آغا سراج دراني صدر آصف علي زرداري جي صحتيابي لاءِ دعا گهرائي، جڏهن ته ايم پي اي هيرسوهو شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي مغفرت لاءِ دعا گهرائي. اجلاس ۾ 26 ترميم بعد پهريون ڀيرو صلاحڪار سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾شريڪ ٿيا، ان سوالن جوابن جي وقفي ۾ ميمبرن ايم پي اي نجمي عالم کان ڪچي آبادي بابت سوال ڪيو، نجمي عالم جو چوڻ هو ته سکر ۾ پائليٽ پراجيڪٽ ٺاهيو ويو ان جي ڪري ڪيترائي مسئلا پيش آيا آهن، ڪراچي ۾ڪچي آبادي لاءِ ڪوشش ڪيون پيا ته فليٽ اسڪيم آڻيون.