اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاران مستونگ ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي، وزريراعظم شهباز شريف واقعي تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، وزيراعظم پاران شهيدن جا درجا بلند ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي وئي، وزيراعظم ڌماڪي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي، جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ڌماڪي جي زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پاران مستونگ ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي، بلوچستان جي وڏي وزير پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو آهي، معصوم ٻارن ۽ بي گناهن جي خون جو حساب وٺنداسين، مقامي ماڻهن کي به دهشتگردن تي نظر رکڻي پوندي.