ڪراچي (ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچيءَ ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، موسميات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته شهر ۾ هوا ۾ گهم جو تناسب 88 سيڪڙو آهي، ڪراچي ۾ اتر کان هلڪيون هوائون گهلي رهيون آهن، گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 25 ڊگري سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو، ڪراچي شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.