پنوعاقل (ويب ڊيسڪ) پنوعاقل ويجھو موٽروي ايم فائيو تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ جو ڊرائيور فوت ٿي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پنجاب کان ڪراچي ويندڙڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي ڪري ڊرائيور عابد حسين سونھارو فوت ٿي ويو، ڏهن ته مسافر حسنين، شاهد ۽ اختيار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو.