ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ هندو برادري پنهنجي مذهبي ڏڻ ڏياري ملهائي رهي آهي، مختلف شهرن ۾ ڏياري جون تقريبون جاري آهن، گهرن ۽ مندرن ۾ پوڄا پاٽ ڪري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پرارٿنائون ڪيون پيون وڃن، ڌرتي ٽي وي پاران هندو برادري کي ڏياري جون واڌايون پيش ڪيون ٿيون وڃن.