ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گذريل 48 ڪلاڪن ۾ 8 هاٿين جي پراسرار موت عملدارن کي ڳڻتيءَ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب وائيلڊ لائيف عملدارن ٻڌايو ته رياست مڌهيه پرديش جي بندهو ڳڙهه ٽائيگر ريزرو ۾ 13 هاٿين جي هڪ ڌڻ مان اڪثر هاٿين جي حالت خراب ٿي رهي آهي. عملدارن موجب اڱاري تائين 7 هاٿي مري ويا هئا. جڏهن ته اربع جي ڏينهن اٺون بيمار هاٿي به مئل حالت ۾ مليو آهي. عملدارن موجب مرندڙ 7 هٿڻيون هيون جڏهن ته اربع جي ڏينهن مرندڙ نَر هاٿي هو جيڪو به بيمار هو. عملدارن موجب مرندڙ 7هٿڻين جي عمر 3 سال هئي اربع تي مرندڙ هاٿي 4 کان 5 سالن جو هو. وائيلڊ لائيف عملدارن جو چوڻ آهي ڌڻ جو ڏهون هاٿي طبي مدد ملڻ کان پوءِ بهتريءَ طرف وڌي رهيو آهي جڏهن ته ٻين 3 هاٿين کي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو آهي. ڀارتي عملدار ايتري وڏي انگ ۾ هاٿي مرڻ جو سبب ڳولي رهيا آهن باقي بيمار هاٿين جو علاج جاري آهي.