ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت ۾ جاري آهي، ان دوران سوالن جوابن جي سيشن ۾ ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته حڪومت طرفان چنگچي رڪشائن تي پابندي آهي پر ڪورٽ مان اسٽي ورتو ويو آهي، رڳو رڪشا نه پر ننڍي عمر جا ٻار لينڊ ڪروزر ۽ موٽر سائيڪل به هلائي رهيا آهن، اها ذميواري والدين جي آهي ته پنهنجن ٻارن کي گاڏي هلائڻ لاءِ نه ڏين، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ عزت لائق ٽريفڪ اهلڪار آهن، ٽريفڪ اهلڪار پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکن ٿا.