اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي ٿريٽس کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت وڏو فيصلو ڪيو آهي، سيڪيورٽي فورسز کي ڪنهن به شخص جي گرفتاريءَ جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت قومي اسميبلي ۾دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ايڪٽ 1997۾ترميم جو بل پيش ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ سڪيورٽي فورس ڪنهن به شخص کي گرفتاريءَ جي وارنٽن کان سواءِ گرفتار ڪري سگھندي ان کان پڇاڳاڇا ڪري سگھندي.