غوثپور (ويب ڊيسڪ) غوثپور ڀرسان ڳوٺ دلمراد خان بهلڪاڻي ۾ معصوم ٻار تلاءَ ۾ٻڏي فوت ٿي ويو، مقامي ماڻهن پاران تلاءَ ۾ ٻڏي ويل ٻارڙي جو لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو ، 3 ورهين جو عبدالغفارگهر ٻاهران راندکيڏندي تلاءَ ۾ڪري پيو هو.