ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 10 ۾ گهر ۾فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل شخص جو لاش کڻائي جناح اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 55 ورهين جي فيصل زيدي طور ٿي آهي، واقعو آپگهات لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.