ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جي يو آءِ جي صوبائي صدر جي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾26 هين آئيني ترميم جي منظوري تي هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون ويون. ملاقات ۾جي يو آءِ جو جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو به شريڪ ٿيو، جي يو آءِ وفد سان ملاقات ۾صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ضياءُ الحسن لنجار به شريڪ هئا. جي يو آءِ جي صوبائي قيادت سان سنڌ ۾پاڻيءَ جي سخت کوٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نون ڪئنالن جي سمورن فورمز تي مخالفت ڪئي آهي. جي يو آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڻي جي مسئلي ۽ عوامي موقف سامهون رکڻ لاءِ ڪانفرنس ڪيون پيا، جي يو آءِ پاران وڏي وزير کي پاڻي جي مسئلي تي ڪانفرنس ۾شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي، سيد مراد علي شاهه پاڻيءَ واري مسئلي تي جي يو آءِ جي ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪرڻ جي حامي ڀري.