اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته حڪومتي ڪاوشن سان معيشيت بهتريءَ طرف وڌي رهي آهي، سعودي عرب ۾ سيڙپڪاري کي 2.8 ابر ڊالرز تائين وڌايو ويو آهي. سعودي فاسٽ فوڊ البيڪ پاڪستان اچي رهيو آهي. عطا تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سعودي دوري ۾ ملاقاتون نتيجن واريون رهيون، وزيراعظم جي سعودي عرب ۽ قطر جو دورو اهميت وارو آهي، خدا جو شڪر آهي ته معيشيت بحاليءَ جي پٽڙيءَ تي چڙهي چڪي آهي. هن چيو ته سعوديءَ جي سيڙپڪاريءَ واري وزير جي دوري ۾ 27 معاهدن تي صحيحون ٿيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدن جو انگ 27 مان وڌائي 34 ٿي ويو آهي.