ٺل (ويب ڊيسڪ) ٺل ۾ ڪنڌڪوٽ روڊتي افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 30 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. ٺل جي گرڊ اسٽيشن وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، حادثي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.